مواد ڏانھن هلو

مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 21,417 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

ريٻاري، اُٺ چاهيندڙن جي هڪ ذات- تشريح الاقوام (1825)

ريٻاڙي ماڻهو (جن کي ريٻاري، رائڪا، ديسائي ۽ ديواسي ماڻهو پڻ سڏيو ويندو آهي، جيڪي راجستان ، گجرات جي ڪڇ علائقي، مهاراشٽر ، هريانا ، هندستان جي پنجاب ۽ پاڪستان جي سنڌ صوبي مان هڪ ذات ٽولو آهن. اهي روايتي طور تي اُٺ چاريندڙ هئا پر هاڻي انھن رڍون ۽ ڍور پالڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ريٻاڙي اُٺن تي چڙھي تير، تلوار، بڙڇيون ۽ ڀالا ھلائي جنگ ڪرڻ ۾ ماھر ھُئا.

خبرن ۾

يحيٰ سنور
يحيٰ سنور


ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

لينسڊائون پل سکر
لينسڊائون پل سکر
  • ... تہ پوتر رومي سلطنت ذريعي ڪوشش ڪئي وئي، تہ سڀني مسيحي ملڪن کي مذهبي جذبي تحت ملائي هڪ ئي رياست قائم ڪئي وڃي.
  • ... تہ لوھاڻڪو اسڪرپٽ سنڌي ٻوليءَ جو قديم رسم الخط هو، جنھن کي ٺٽي ۽ برھمڻ آباد ۾ لوھاڻا استعمال ڪندا ھئا.
  • ... تہ سکر لئنسڊائون پل (تصوير) جو خاڪو جان جيڪب ٺاھيو ھو جيئن سکر ۽ روهڙيءَ کي گڏائي سگهجي.
  • ... تہ سنڌ ۾ ٽپال پهچائيندڙ گهوڙي يا اُٺ کي اولاڪ سڏيو ويندو ھو، ۽ اھي ھر چئن ڪوهن تي بدلبا هئا.
  • ... تہ ٺيڙھي ڪوس کي سنڌ ۾ شيعن مٿان ٿيندڙ پھرين حملي طور ڏٺو وڃي ٿو، جنھن ۾ 118 ماڻھن کي قتل ڪيو ويو ھو.

اڄ جو قول

وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/مَئي 1

اڄ جو لفظ

بانڪڙو
ڪاٺ جي پٽين يا ڏَڪن مان ٺهيل بينچ
جنهن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پُٺ بہ لازمي هجي
هن قسم جون بينچون هوٽلن تي ڏسبيون آهن. بانڪڙي مان ئي ٻاڪڙا هوٽل جو اصطلاح ٺهيو آهي.

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 21,417 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.

يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

بھترين مضمون

نيو ميڪسيڪو جي سڀ کان اوچي پھاڙي چوٽي ”ويلر پيڪ“
نيو ميڪسيڪو اسٽيٽ يونيورسٽي سينٽر فار آرٽس

نيو ميڪسيڪو، آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست آھي. جاگرافيائي طور تي چوڪنڊي شڪل جي ھيءَ رياست آمريڪا جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ ٽيڪساس، اولھ ۾ ايريزونا، اتر اوڀر ۾ اوڪلاھوما ۽ ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو سان ملن ٿيون. ھن رياست جي گاديءَ جو ھنڌ سانتا في (Santa Fe) آھي جيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ پراڻي ۾ پراڻو گاديءَ جو ھنڌ آھي. البڪرڪي ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر آھي. نيو ميڪسيڪو پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي پنجين وڏي رياست آھي جڏھن تہ آباديءَ جي لحاظ کان 36ھين وڏي رياست آھي. ھن رياست جي آبادي 21 لکن کان ٿوري وڌيڪ آھي. جاگرافيائي طور تي ھن رياست جي آبھوا مختلف علائقن ۾ مختلف آھي. ھن رياست جي اتر ۽ اوڀر جي موسم ڪافي ٿڌي آھي جڏھن تہ ڏکڻ ۾ گرم ۽ ريگستاني آھي. ريو گرانڊي ندي ھن رياست جي مرڪزي علائقن مان اتر کان ڏکڻ طرف وھي ٿي. ھن نديءَ جي ٻنھي ڪپن وارا علائقا زرخيز آھن ۽ انھن علائقن جي موسم خوشگوار آھي. ھن رياست جي ٽيون حصو زمين مرڪزي سرڪار جي ملڪيت آھي جنھن ۾ ڪيترائي يادگار ۽ قومي پارڪ قائم ڪيا ويا آھن. ھن رياست جا ٽي ماڳ يونيسڪو جي ثقافتي ورثي وارن ماڳن جي فھرست ۾ شامل آھن.

اڄ جو ڏينھن

جمعو 1 مَئي 2026ع مطابق 14 ذوالقعد 1447ھ

اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن آهي.

مزدورن جي عالمي ڏينھن تي ويانا ۾ ٿيندڙ يڪجھتي احتجاج
مزدورن جي عالمي ڏينھن تي ويانا ۾ ٿيندڙ يڪجھتي احتجاج

اايوب کوسو (پ. 1970ع)

وڌيڪ چونڊ ڏينهن:

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 21,417 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريومدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.

اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:

، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)